سنڌي ايڪانڪي

سنڌي ايڪانڪي

سنڌي ايڪانڪي

سنڌي ايڪانڪي (ڪتاب): هي سنڌي ايڪانڪين (One act plays) تي مشتمل ڪتاب، نامور اديب ۽ ناٽڪ نويس لڇمڻ ڀمڀاڻيءَ جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ سورهن ناٽڪ نويسن: (1) تيرٿ وسنت، (2) ڪرشن کٽواڻي، (3) ايم. ڪمل، (4) لکمي کلاڻي، (5) مدن جماڻي، (6) واسديو نرمل، (7) پريم پرڪاش، (8) ايشور چندر، (9) سندر اگناڻي، (10) شيام جئسنگھاڻي، (11) چمن شرما، (12) ڄيٺي لالواڻي، (13) لڇمڻ ڀمڀاڻي، (14) ويڙهو رفيق، (15) جگديش لڄاڻي ۽ (16) وڪرم شهاڻيءَ جا ناٽڪ شامل آهن. ڪتاب ۾ سنڌي ناٽڪ جي هڪ سؤ سالن کان وڌيڪ عرصي جي تاريخ تي مختصر روشني وڌي وئي آهي. ڊيمي سائيز جي 315 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ساهتيه اڪادمي، نئين دهليءَ، پهريون ڇاپو 2004ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 80 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو